'آغا تاج محمد' جون تصويرون
 آغا تاج محمد جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان: (1904- 1959ع) نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهه پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا.....


امين محمد اول هالائي مخدوم

امين محمد اول هالائي مخدوم: مخدوم امين محمد اول، حضرت مخدوم نوح سرور عليه الرحمة جو فرزند ۽ گادي نشين هو. مخدوم صاحب شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو، سندن ولادت 5 ربيع الاول 952هه بمطابق 17 مئي 1545ع تي ٿي. هن ذڪر ۽ سهروردي طريقي جي ڄاڻ پنهنجي والد کان ورتي. جڏهن سندس عمر 26 سال ٿي ته پنهنجي والد جي مسند.....


امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي

امين محمد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“: مخدوم امين محمد ثالث صديقي قريشي، سروري درگاهه جو تيرهون سجاده نشين، حضرت مخدوم محمد زمان رابع رحه جو وڏو فرزند هو. کيس ٻيا ٻه ننڍا ڀائر ميان شاهه محمد عرف ميان شاهنواز ۽ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو هئا. مخدوم امين محمد، شجري موجب غوث الحق مخدوم نوح جي يارهين ۽ حضرت .....


امين محمد ثاني هالائي مخدوم

امين محمد ثاني هالائي، مخدوم: مخدوم صاحب، مخدوم محمد زمان ثالث جو فرزند هو. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاهه جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256هه (1840ع) تي ٿي. هو صاحب سهروردي طريقي جو پير ۽ اميراڻي زندگيءَ جو مالڪ هو. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام ڪمال حاصل هئس، يعني سنڌ.....


احسن حافظ محمد چنا

احسن حافظ محمد چنا: سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ 1900ع ۾ جنم ورتائين. سنڌي، فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ڪجهه وقت پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيائ.....


احمد محمد قاضي

احمد محمد قاضي: سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شهر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو . هو شهر ڏيپلي جو اوائلي چوٿون نمبر مئٽريڪيوليٽ ، ٻيو نمبر گريجوئيٽ ۽ پهريون ايڊووڪيٽ آهي . هن ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي بمبئي مان ڪئي . ايم . ايڊ سنڌ مان ۽ ڊپلوما انٽرنيشنل .....


آريجو غلام محمد

آريجو، غلام محمد: مولانا غلام محمد ”غلام“ ولد محمد عثمان آريجو ڳوٺ خيرمحمد آريجا تعلقي ڏوڪريءَ ۾ 1850ع ۾ ڄائو. مولوي غلام محمد جو تعلق عالم ۽ باعمل خاندان سان ھو. ھو پاڻ به اعليٰ پايي جو عالم، شاعر، حڪيم ۽ قاضي ھو. تنھن کان علاوه نثر توڙي نظم ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. سندس ڪلام رسالي ”توحيد“، ”الڪاشف“ ۽ ”.....


بگائي مخدوم غلام محمد

بُگائي، مخدوم غلام محمد: ٻارهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم غلام محمد بُگائي، جيڪو اصل موري تعلقي جي ڳوٺ ”بُگا“ جو رهاڪو هو، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جي ڄمڻ توڙي وفات جو سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي. ميان نورمحمد ڪلهوڙي (1133هه/ 1719ع- 1167هه/ 1753ع) جي زماني ۾ مخدوم غلام محمد.....


ادريس محمد صديق

ادريس محمد صديق: ادريس محمد صديق ممتاز صحافي، اديب، نقاد، محقق ۽ براڊڪاسٽر 1928ع تي يو.پي ۾ پيدا ٿيو. ادريس صديقي ڪنٽرولر نيوز ريڊيو پاڪستان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئرز پڻ رهيو ۽ کيس بابائي اردو گولڊ ميڊل جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو. سندس هي تصنيفون آهن. 1. يه مسائل تلفظ، 2. ار.....


ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر

ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي: مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو، 27 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڪنڊياري لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”چنيهاڻي“ ۾ ڄائو. سندس والد محترم محمد قاسم سومرو سنڌ جو مشهور ليکڪ / مصنف آهي. جنهن جا ننڍا وڏا 70 کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. مول.....


آزاد محمد رمضان

آزاد، محمد رمضان: اصل نالو محمد رمضان، ولد ابوبڪر ميمڻ. شاعر ۽ صحافي. 10 جنوري 1907ع تي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو. سٺو صحافي ٿي رهيو. سندس هيٺيون تصنيفون مشهور آهن: (1) دربار مدينه (شاعري)، (2) اُمنگ (متفرقه موضوع). 1967ع ۾ گذاري ويو......


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   7   8   اڳتي